آمريڪا غلط اطلاعن تي هزارين عام شهرين کي قتل ڪيو، ڳجهن دستاويزن ۾ انڪشاف

آمريڪا طرفان وچ اوڀر ۾ ناقص انٽيليجنس ڄاڻ تي فضائي ڪارروائين ۾ هزارين بي ڏوهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا جي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون جي ڳجهن دستاويزن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته وچ اوڀر ۾ آمريڪا جي فضائي ڪارروائيون ناقص انٽيليجنس ڄاڻ سان ڀرپور رهيون.

آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب غلط اطلاعن جي بنياد تي ڪارروائين ۾ ٻارن سميت هزارين عام شهري قتل ڪيا ويا پر ڪنهن به جاءِ تي ذميوارن خلاف ڪارروائي نظر نه آئي.

ٻي پاسي رپورٽ منظر عام تي اچڻ کان پوءِ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ترجمان ڪيپٽن بل اربن پنهنجي ڪوتاهين جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته بي ڏوهه شهرين جي موت تي شرمنده ۽ غلطين مان سکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

Read Previous

خيبر پختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم، ووٽن جي ڳڻپ جاري

Read Next

ثانيا مرزا بالي ووڊ ۾ ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular