جيڪب آباد جمس اسپتال ۾ بدانتظامي، ڊائريڪٽر جي غيرقانوني مقرري ۽ جمس ۾ ڪرپشن خلاف شھري اتحاد

جيڪب آباد” (رپورٽ بختیار خان منجھو) جيڪب آباد جمس اسپتال ۾ بدانتظامي، ڊائريڪٽر جي غيرقانوني مقرري ۽ جمس ۾ ڪرپشن خلاف شھري اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، سڀاڻي کان علامتي بک هڙتال ڪرڻ جو اعلان، ڊائريڪٽر کي ھٽائي ڪرپشن خلاف جاچ ڪرڻ جو مطالبو خبر موجب جيڪب آباد جي وڏي ۾ وڏي جمس اسپتال ۾ بدانتظامي، ڊائريڪٽر جي ٽيون ڀيرو غيرقانوني مقرري ۽ ڪرپشن خلاف شھري اتحاد پاران ھڪ احتجاجي جلوس صدر محمد اڪرم ابڙو، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري جي اڳواڻي ۾ شھيد الهه بخش سومرو پارڪ کان ڪڍيو ويو جلوس ۾ جي يو آءِ جي مولانا عبدالجبار رند، مجلس وحدت المسلمین جي وسيم لطیف مهر، مھراڻ سوشل فورم جي عبدالحئي سومرو، بي اين پي جي گلاب جان مينگل، ايس يو پي جي فدا لکڻ، جسقم جي دولت ٻروهي، ھيومن رائٽس جي حمادالله انصاري، قومي عوامي تحريڪ جي چاڪر جوڻيجو، عام انسان تحريڪ جي عابد سنڌي، آل پارٽيز ڪميٽي جي شعبان ابڙو، شاھد جوادي سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جلوس ٽڪنڊي چوڪ تي پهتو ته مظاھرين قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي مظاهرين شھر جي مختلف رستن تي مارچ ڪندي جمس ڊائريڪٽر ۽ جمس ۾ ٿيندڙ ڪرپشن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي جلوس حبيب چوڪ تي پهتو وڏي ميڙاڪي ۾ تبديل ٿي ويو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آهي ته جمس اسپتال بدانتظامي جو شڪار ٿي وئي آهي 66 ڪروڙ کان مٿي جي بجيٽ باوجود جيڪب آباد جون عورتون روڊن تي ويم ڪرڻ جي مجبور آھن، جمس ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالواحد ٽڳڙ کي ٽيون ڀيرو غيرقانوني طور مقرر ڪيو ويو آهي ڇو ته ان جي مقرري جمس ايڪٽ جي ڀڃڪڙي آهي اڻ تجربيڪار کي جمس ڊائريڪٽر لڳائي جمس کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو آهي ھنن چيو ته جمس اسپتال جي نااهل ڊائريڪٽر جي مقرري خلاف عوامي رد عمل بعد نئين ڊائريڪٽر جي مقرري لاءِ اخبار ۾ اشتهار شايع ٿيو جنهن بعد ٽي نالا شارٽ لسٽ ٿيا پر ان باوجود به سنڌ حڪومت نااهل ڊائريڪٽر کي واڌ ڏئي مقرر ڪري جيڪب آباد جي 10 لک آبادي سان زيادتي ڪئي وئي آهي ھنن چيو ته جمس ۾ ٺيڪيداري نظام تحت ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي ڊائريڪٽر ۽ ٺيڪيدارن بحريه ٽائون ۽ ڊفينس ۾ بنگلا ورتا آهن پر جيڪب آباد واسي بهتر علاج جي سهولت لاءِ دربدر آهن پنج سال گذرڻ باوجود جمس ۾ ايمرجنسي وارڊ قائم ناهي ٿي سگهيو، ھنن چيو ته جمس جي نااهل ڊائريڪٽر جي مقرري خلاف سڀاڻي کان علامتي بک هڙتال شروع ڪئي ويندي مظاھرين وڏي وزير سنڌ، صوبائي وزير صحت ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته نااهل ڊائريڪٽر عبدالواحد ٽڳڙ کي فورن ھٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي، جمس اسپتال ۾ پنج ورهين کان ايندڙ اربين روپين جي بجيٽ ۾ ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ملوث ٺيڪيدارن ۽ ڊائريڪٽر خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ جمس اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون ڏنيون وڃن نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

Read Previous

واٽس ايپ ۾ اهم ميسيج محفوظ ڪرڻ جو طريقو

Read Next

پاڪستاني اداڪارا جي ڊانس وڊيو وائرل ٿي وئي

Most Popular