پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي رفتار گهٽ ٿي وئي

پاڪستان کان آفريقا ويندڙ انٽرنيٽ سپلائي ڪيبل ۾ خرابي سبب پاڪستان ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي آهي، سموري ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار گهٽ ٿي وئي آهي.
ان حوالي سان ٽيليڪام ذريعن جو چوڻ آهي ته سي ايم ون 4 ڪيبل ڪٽجڻ سان پاڪستان ۾ انٽرنيٽ اسپيڊ ۾ هڪ ٽيرا بائٽ جي گهٽتائي ٿي آهي. ٽيلي ڪام ذريعن موجب پاڪستان ۾ وڌيڪ استعمال سبب انٽرنيٽ سروس وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.
سي ايم وي 4 انٽرنيٽ ڪيبل جي مرمت ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي سگهن ٿا. پي ٽي سي ايل طرفان انٽرنيٽ ٽريفڪ ٻين ڪيبلز تي منتقلي جاري آهي.

Read Previous

پير جو ڳوٺ: ناريجا ۽ مڱڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، پنج ڄڻا مارجي ويا

Read Next

سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار جي نااهلي لاءِ داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي

Most Popular