پير جو ڳوٺ: ناريجا ۽ مڱڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، پنج ڄڻا مارجي ويا

پير جو ڳوٺ ويجهو ناريجا ۽ مڱڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ دوران 5 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته فائرنگ جو سلسلو ڪيتري ئي دير تائين جاري رهيو.
ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان ڪافي وقت کان تڪرار جاري آهي ۽ ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ سموري ضلعي مان نفري طلب ڪري ورتي آهي.
واقعي کان پوءِ پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ موجود آهي جڏهن ته علائقي ۾ ڏهڪاءُ پڻ پکڙيل آهي. مارجي ويلن ۾ ڪليم الله مڱڻيجو، احمد علي مڱڻيجو، نذير مڱڻيجو مارجي ويا. جڏهن ته ٻئي طرف ناريجن جي 2 نوجوانن جي مارجي وڃڻ جا اطلاع پڻ آهن.

Read Previous

تبديلي اچي نه پئي پر وڃي رهي آهي: مريم نواز

Read Next

پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي رفتار گهٽ ٿي وئي

Most Popular