سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار جي نااهلي لاءِ داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار جي نااهلي لاءِ داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ اسحاق ڊار جي بطور سينيٽر ميمبر شپ جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو امتناع ختم ٿي ويو.

اسحاق ڊار کي عدالت طلب ڪيو هو پر اهو به پيش نه ٿيو. اڳوڻي ناڻي واري وزير جي وڪيل ٻڌايو ته اسحاق ڊار بيمار آهي ان ڪري هو پرڏيهه ۾ ترسيل آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته آرڊيننس جي تحت ٻن مهينن دوران حلف نه کڻندڙ جي سيٽ خالي مڃي ويندي. اسحاق ڊار جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو.
سپريم ڪورٽ درخواست عدم پيروي تي رد ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ اسحاق ڊار جي سينيٽ واري خالي سيٽ تي اڳڀرائي ٿي آهي. حڪم امتناع ختم ٿيڻ تي اسحاق ڊار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن جاري ٿيندي ئي اسحاق ڊار تي نئون آرڊيننس لاڳو ٿي ويندو. اسحاق ڊار جيڪڏهن پاڪستان اچي حلف نه کنيو ته هو اها سيٽ وڃائي ويهندو.

Read Previous

پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي رفتار گهٽ ٿي وئي

Read Next

پاڪستان ڪروز ميزائل بابر ون بي جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو: آءِ ايس پي آر

Most Popular