پاڪستان ڪروز ميزائل بابر ون بي جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو: آءِ ايس پي آر

پاڪستان مقامي طور تي تيار ڪيل ڪروز ميزائل بابر ون بي جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان مقامي طور تي تيار ڪيل بابر ڪروز ميزائل 1 بي جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب بابر ڪروز ميزائل ون بي جو تجربو رينج ۾ اضافي جي حوالي سان هو. تجربي جو ڊي جي اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن ليفٽيننٽ جنرل نديم ذڪي منج ۽ ٻين اختيارين مشاهدو ڪيو. صدر، وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس ان ڪاميابي تجربي تي مبارڪباد ڏني. ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جنرل نديم ذڪي منج چيو ته اهو تجربو پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ڊيٽرنس کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن سائنسدانن ۽ انجيئرز کي ڪروز ميزائل ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. آءِ ايس پي آر موجب ميزائل لانچنگ جو مشاهدو ڪمانڊر آرمي اسٽريٽجڪ فورس ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل محمد علي، اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي سينئر آفيسرن، اسٽريٽجڪ فورسز، سائنسدانن ۽ انجنيئرز به ڪيو.

Read Previous

سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار جي نااهلي لاءِ داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي

Read Next

فحش فلمن واري ڪيس کانپوءِ شلپا جي مڙس راج ڪندرا جو پهريون بيان

Most Popular