”جڏهن ريپ کي روڪڻ ممڪن نه هجي ته ان مان لطف اندوز ٿيو “ ڀارتي اسيمبلي ميمبر جي بيان تي هنگامو

ڪرناٽڪا: هندستاني ڪانگريس جي سينئر اڳواڻ رميش ڪمار جي رياستي اسيمبلي ۾ ريپ بابت تڪراري بيان تي ڀارت ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي آهي.
گذريل ڏينهن ڀارتي رياست ڪرناٽڪا جي اسيمبلي ۾ ريپ بابت سينئر ڪانگريس اڳواڻ رميش ڪمار جي تڪراري بيان تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب رياستي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر بحث کي جلد ختم ڪرڻ چاهيو، جڏهن ته ميمبرن طرفان وڌيڪ وقت طلب ڪيو ويو.
اهڙي صورتحال ۾ ڪانگريس اڳواڻ رميش ڪمار اٿي بيٺو ۽ چيائين ته “جڏهن ريپ کي روڪڻ ناممڪن هجي، ان مان لطف اندوز ٿيڻ گهرجي.” سندس بيان تي اسپيڪر سميت اسيمبلي ميمبر کلڻ لڳا پر ڀارتي اڳواڻ جي بيان تي ڀارت ۾ هلچل مچي وئي.
پارٽي جي ڪيترن ئي ميمبرن ڪانگريس اڳواڻ جي بيان جي مذمت ڪئي ۽ معافي جو مطالبو ڪيو.
ٻئي طرف ڀارتيه جنتا پارٽي جي اڳواڻ، اداڪارا ۽ مرڪزي وزير سمرتي ايراني به بيان کي شرمناڪ قرار ڏيندي ڪانگريس کان مطالبو ڪيو ته رميش ڪمار کي پارٽي مان ڪڍيو وڃي.
ان دوران ڪانگريس اڳواڻ سخت تنقيد کانپوءِ پنهنجي بيان تي معافي گهري ورتي آهي.

Read Previous

لاهور قلندرز شاهين آفريدي کي نئون ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو

Read Next

”پهرئين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته ڪم هلائي ڏيکاريو، اسان ٻين کان ٽيڻا ڪم ڪيا“

Most Popular