لاهور قلندرز شاهين آفريدي کي نئون ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو

shaheen-afrdi

پاڪستان سپر ليگ جي ستين ايڊيشن لاءِ لاهور قلندرز شاهين آفريدي کي نئون ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو.

لاهور قلندرز جي سي اي او عاطف رانا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايندڙ ايڊيشن ۾ شاهين آفريدي لاهور قيادت جي قيادت ڪندو، اسان ينگ ٽئلينٽ کي پروموٽ ڪرڻ جو عزم ڪيو هو، تنهن ڪري ئي پليئرز ڊولپمينٽ پروگرام متعارف ڪرايو.

ان موقعي تي شاهين آفريدي چيو ته لاهور قلندرز جا ٿورا مڃان ٿو، اها مون لاءِ ٽيم نه فيملي آهي، مون لاءِ وڏو موقعو آهي، ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي سئو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکاريندس.

واضح رهي ته ان کان اڳ لاهور قلندرز جي ڪپتاني جا فرض سهيل اختر انجام ڏيندو هو.

Read Previous

فحش فلمن واري ڪيس کانپوءِ شلپا جي مڙس راج ڪندرا جو پهريون بيان

Read Next

”جڏهن ريپ کي روڪڻ ممڪن نه هجي ته ان مان لطف اندوز ٿيو “ ڀارتي اسيمبلي ميمبر جي بيان تي هنگامو

Most Popular