”پهرئين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته ڪم هلائي ڏيکاريو، اسان ٻين کان ٽيڻا ڪم ڪيا“

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته انهن کان ملڪ نه پيو هلي، اڳ ئي چيو هو ته طاقت عوام وٽ آهي.

زرداري هائوس نوابشاهه ۾ پارٽي ڪارڪنن سان خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته سنڌ سڄو ملڪ هلائيندي آهي، سنڌ جو ماسٽر پلان ٺاهينداسين، اسان ملڪ کي ڀرپور ترقي ڏيارينداسين.

هن چيو ته اسان خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جي عوام جا مسئلا حل ڪيا، اسان ٻين کان سدائين ٻيڻو، ٽيڻو ڪم ڪيو، زندگي ۾ لاها چاڙها ايندا آهن، جدوجهد جاري رکڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته پ پ پنهنجي منشور ۾ ڪوڙا واعدا نه ڪيا، اسان کي انجنيئرڊ چونڊن ۾ شڪست ڏني وئي، هن وقت ملڪ ۾ غربت آهي، ماڻهن جون حالتون خراب آهن.

آصف زرداري چيو ته انهن کان ملڪ نه پيو هلي، اڳ ئي چيو هو ته طاقت عوام وٽ آهي، مان انهن کي پهرئين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته ڪم هلائي ڏيکاريو، اسان جي دور ۾ ڇا هو ۽ هاڻ ڇا آهي، فرق صاف ظاهر آهي، اسان جي دور ۾ هر شئي جا ريٽ ڇا هئا ۽ هاڻ ڇا آهن، اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي.

Read Previous

”جڏهن ريپ کي روڪڻ ممڪن نه هجي ته ان مان لطف اندوز ٿيو “ ڀارتي اسيمبلي ميمبر جي بيان تي هنگامو

Read Next

اليڪشن ڪميشن فواڌ چوڌري ۽ اعظم سواتي کي معاف ڪري ڇڏيو

Most Popular