مڪاني چونڊن ۾ شڪست: محمود خان جي وزيراعظم وٽ پيشي

خيبر  پختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن ۾ شڪست تي وزيراعظم عمران خان وڏي وزير محمود خان کي اسلام آباد گهرائي ورتو.

ذريعن موجب وزيراعظم جي گهرائڻ تي محمود خان اسلام آباد پهچي ويو آهي، جتي هو وزيراعظم کي مڪاني چونڊن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيرن کي انهن جي تڪن ۾ شڪست، چونڊن ۾ ڪٿي ۽ ڇو شڪست ٿي، ان سڄي صورتحال تي محمود خان رپورٽ ڏيندو.

ذريعن موجب ڪي پي جو وڏو وزير وزيراعظم کي ٽڪيٽن جي ورهاست بابت به آگاهه ڪندو، جڏهن ته چونڊن دوران ساٿ نه ڏيندڙ پارليامينٽ ميمبرن ۽ سينيئر اڳواڻن جي نشاندهي ڪئي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم مڪاني چونڊن جي ايندڙ مر حلي جي حڪمت عملي لاءِ گائيڊ لائنز ڏيندو.

Read Previous

اليڪشن ڪميشن فواڌ چوڌري ۽ اعظم سواتي کي معاف ڪري ڇڏيو

Read Next

قوتن هٿ هٽايو ته انهن جو حشر سڀني ڏسي ڇڏيو: فضل الرحمان

Most Popular