قوتن هٿ هٽايو ته انهن جو حشر سڀني ڏسي ڇڏيو: فضل الرحمان

اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پشاور ۾ ايم اين اي، ايم پي اي، بيورو ڪريسي انهن جي هئي پر قوتن هٿ هٽايو ته مڪاني چونڊن ۾ انجام سڀني ڏسي ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو جتي اسلام جي ڳالهه اچي ته اتي انتهاپسند چيو ويندو آهي، اسان جمهوري ماڻهو آهيون ۽ ملڪ جي مستحڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪيون ٿا، توهان ٺيڪ ٿي وڃو، اسان ته ٺيڪ آهيون.

هن چيو اسان چوندا هئاسين ته حڪومت ڌانڌلي جي پيداوار آهي، پشاور ۾ ايم اين اي، ايم پي اي ۽ بيورو ڪريسي انهن جي هئي پر ٿورو هٿ هٽايو ويو ته  انهن جو حشر سڀني جي سامهون آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي امن ۽ خوشحال معيشت جي ضرورت آهي، امن جو مطلب انساني حقن جو تحفظ آهي.

Read Previous

مڪاني چونڊن ۾ شڪست: محمود خان جي وزيراعظم وٽ پيشي

Read Next

اسرائيل قاسم سليماني جي قتل جو اعتراف ڪري ورتو

Most Popular