اليڪشن ڪميشن فواڌ چوڌري ۽ اعظم سواتي کي معاف ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن وفاقي وزيرن فواڌ چوڌري ۽ اعظم سواتي جي معافي قبول ڪري ورتي.

اليڪشن ڪميشن ۾ اعظم سواتي جي الزامن بابت ٻڌڻي  ٿي، ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي پيش ٿيو، جنهن دوران سنڌ جي ميمبر نثار دراني وفاقي وزير کي چيو ته اوهان مصروف ماڻهو آهيو پيش ڇو نٿا ٿيو، اوهان تي ذميواريون وڌيڪ آهن، سمورا  ادارا اوهان جا آهن، انهن کي خراب سٺو چوڻ درست ناهي.

اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن ۾ موقف پيش ڪيو ته اليڪشن ڪميشن کي خود مختيار ٺاهڻ جي لاءِ هميشه آواز اٿاريو آهي، چاهيون ٿا حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ ڪي به وڇوٽيون  نه هجن، پرڏيهي طاقتون نٿيون چاهين ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملي، شفاف چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي مضبوط ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز کي به چيو آهي ته سڀ اوهان سان گڏ بيهندا.

بئريسٽر علي ظفر  اليڪشن ڪميشن ۾ بيان ڏنو ته صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، ماضي ۾ جيڪو ٿيو ان تي معذرت ڪري چڪا آهيون، اليڪشن ڪميشن آڏو معذرت ڪرڻ شهرين جي ذميواري آهي، جيڪا ادا ڪري رهيا آهيون، اليڪشن ڪميشن به چيو آهي ته حڪومت اسان جو  هٿ ونڊائي.

اليڪشن ڪميشن اعظم سواتي ۽ فواد چوڌري جي معافي قبول ڪري ورتي ۽ کين ٻيهر احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

Read Previous

”پهرئين ڏينهن کان چئي رهيو آهيان ته ڪم هلائي ڏيکاريو، اسان ٻين کان ٽيڻا ڪم ڪيا“

Read Next

مڪاني چونڊن ۾ شڪست: محمود خان جي وزيراعظم وٽ پيشي

Most Popular