عائزا، ماهرا ۽ سجل خوبصورت ترين چهرن جي فهرست ۾ نامزد

پاڪستاني اداڪارائن ماهرا خان، عائزا خان ۽ سجل علي 2021 جي 100 خوبصورت چهرن جي نامزدگين جي فهرست ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

ٽي سي ڪينڊلز سال جي 100 سڀ کان خوبصورت چهرن جي سالياني آزاد ناقدن جي فهرست ٺاهي آهي.

ٽي سي ڪينڊلز سال 2021 جي خوبصورت ترين چهرن جي نامزدگين جو پنهنجي انسٽاگرام پيج تي اعلان ڪيو.

انسٽاگرام تي ٽي سي ڪينڊلز اداڪارا ماهرا خان، عائزا خان ۽ سجل علي جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته ”اهي 2021 جي 100 خوبصورت چهرن لاءِ آفيشلي نامزد آهن“.

ڪيپشن ۾ لکيو ويو ته ”انهن سڀني خوبصورت عورتن کي 2021 جي چهرن ۾ نامزد ٿيڻ تي مبارڪ هجي“.

هاڻ ووٽنگ ٿيندي، جنهن کانپوءِ خبر پوندي ته انهن نامزد چهرن مان ڪامياب ڪير ٿو ٿئي؟

Read Previous

ڪنڌڪوٽ : ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس مقامي ھوٽل ۾ منعقد ڪئي وئي

Read Next

ڪينگروز کي پنهنجي سرزمين تي هارائڻ تائين سُک سان نه ويهنداسين: رميز راجا

Most Popular