ڪينگروز کي پنهنجي سرزمين تي هارائڻ تائين سُک سان نه ويهنداسين: رميز راجا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته آسٽريليا کي آسٽريليا ۾ هارائڻ تائين سُک سان نه ويهنداسين.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رميز راجا چيو ته عهدو سنڀاليندي ئي چئلينج رهيا، پرڏيهي ٽيمن جو موٽي وڃڻ ۽ ورلڊ ڪپ وڏا چئلينج هئا، اسان جي نيت صحيح آهي، تنهن ڪري وڌيڪ پريشاني نه ٿي، اسان سڀ چئلينج هڪ پاسي رکي راند تي ڌيان ڏنو.

ڪوچن جي حوالي سان هن چيو ته ان معاملي تي منهنجي ڪا حتمي  راءِ ناهي،  ڪوچ سان وڏو معاهدو ڪيون ته ڦاسي ويندا آهيون، اسان کي ڪوچن نه اسپيشلسٽ جي ضرورت آهي، ڪوچ هيٺين سطح تي لڳايا وڃن ته وڌيڪ بهتري ٿيندي، پرڏيهي يا ملڪي ڪوچ آڻڻ جو اڃا تائين فيصلو ناهي ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته آسٽريليا جي مٽي ۽ پِچون گهرائي رهيا آهيون، جيستائين آسٽريليا کي آسٽريليا ۾ نه هارايون سڪون سان نه ويهنداسين.

Read Previous

عائزا، ماهرا ۽ سجل خوبصورت ترين چهرن جي فهرست ۾ نامزد

Read Next

شيخ رشيد پنهنجي بيماري بابت ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular