تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي سياسي جماعت جي نئين تنظيم جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم عمران خان خيبر پختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ شڪست کانپوءِ گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جو تنظيمي ڍانچو ٽوڙي ڇڏيو هو.
هاڻ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ٻڌايو آهي ته عمران خان پارٽي جي نئين تنظيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.