نواز شريف زور ڀرڻ باوجود سياسي مخالفن کي نشانو نه بڻايو: سعد رفيق

ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر وزيراعظم تي الزام لڳايا ويا، پاناما ڪيس آيو ته سمورا ڪيس ڇڏي رڳو نواز شريف کي سزا ڏني وئي.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب دوران سعد رفيق چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جج جي ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي پر ان خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي هئي.

هن چيو ته ملڪ ۾ ڪيترائي اندروني ڏار آهن، 10 هزار ماڻهن جو جٿو اچي ٿو ۽ حڪومت کي لوڏي ڇڏي ٿو، پنجاب ۾ پ پ جو ”ري برٿ“ ٿيڻ گهرجي، ڪارڪردگي جي بنياد تي اڳتي وڌو ۽ هڪ ٻئي خلاف ڪارروائيون ڪرڻ کان پاسو ڪيو.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف ڪنهن جي خلاف به بدلي واري ڪارروائي نه ڪئي، جڏهن هو وزير اعظم هو ته پارٽي اڳواڻن زور ڀريو ته سياسي مخالفن جو احتساب ڪيو پر نواز شريف چيو ته اهو ادارن جو ڪم آهي، مونکي ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻا آهن.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته نواز شريف چوندو هو آئون سياسي مخالفن جا ڪنا ڪپڙا ڌوئڻ نه پر ملڪ جي عوام جي لاءِ ڪم ڪرڻ آيو آهيان، ن ليگ ڪڏهن به بدلو وٺڻ جي سياست نه ڪئي آهي.

Read Previous

ڪورونا جو خطرناڪ ويرينٽ اومي ڪرون اسلام آباد به پهچي ويو

Read Next

تحريڪ انصاف حڪومت ۾ ڏڦيڙ،حماد اظهر کي هٽائڻ جو مطالبو

Most Popular