تحريڪ انصاف حڪومت ۾ ڏڦيڙ،حماد اظهر کي هٽائڻ جو مطالبو

تحريڪ انصاف جا 3 قومي اسيمبلي جا ميمبرز پنهنجي ئي وزير حماد اظهر جي مخالفت ۾ ميدان تي نڪري آيا.

ڪراچي ۾ گئس جي بندش تي آفتاب صديقي ۽ ڪيپٽن (ر ) جميل کانپوءِ تحريڪ انصاف جو ٽيون ايم اين اي شڪور شاد به حماد اظهر تي ڪاوڙجي پيو ۽ کيس هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

شڪور شاد چيو ته لياري جي عوام جي حق لاءِ قومي اسيمبلي ۾ به احتجاج ڪنداسين.

واضح رهي ته اڳ ڪيپٽن ( ر ) جميل به حماد اظهر کي خط لکي چيو هو ته گئس بحال نه ڪئي وئي ته اسيمبلي جي فلور تي احتجاج ڪنداسين،

ڪراچي ڊفينس مان تحريڪ انصاف جي ايم اين اي آفتاب صديقي به حماد اظهر کي رويي کي شرم جوڳو قرار ڏيندي چيوهو ته حماد اظهر ميسيجز جو جواب به ناهي ڏيندو.

Read Previous

نواز شريف زور ڀرڻ باوجود سياسي مخالفن کي نشانو نه بڻايو: سعد رفيق

Read Next

ڀاءُ ڪارنهن الزام هيٺ ٻن ڀينرن کي قتل ڪري ڇڏيو

Most Popular