سلطانپور ويجهو ڳوٺ برٿ سمائر جي رهواسين پاران ڳوٺ جي مقامي بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

*سلطانپور رپورٽ۔ضمير حسين سلطانپور ويجهو ڳوٺ برٿ سمائر جي رهواسين پاران ڳوٺ جي مقامي بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

رهواسين عبدالفتاح سمائر،نور محمد سمائر، شمس الدين سمائر ۽ ٻين ڳوٺ جي پنهنجي برادري جي بااثر وڏيري هادي بخش سمائر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو
ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ جي بااثر هادي بخش سمائر جون گذريل ڪيتري عرصي کان زيادتيون جاري آهن ,
هنن چيو ته بااثر وڏيرو ڏاڍ جي زور تي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو
جيڪو کي ڪينٽ پوليس ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس جي مدد سان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي حراسان ڪري رهيو آهي،
هنن چيو ته بااثر وڏيري اسان جا لنگھ ۽ ڊرنيج سسٽم پڻ بند ڪري ڇڏيو آهي هنن دانهيو ته سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي پوليس ساڻس ٻٽ بڻيل آهي جڏھن ته هن کي سياسي سپورٽ پڻ حاصل آهي جنهن ڪري اسان سڀئي ڳوٺ واسي هن ظلمن ۽ زيادتين کان تنگ اچي ويا آهيون, هنن ايس ايس پي سکر ڊي آئي جي سکر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ جي بااثر جي زيادتين ۽ ڏاڍ جو نوٽيس وٺي انصاف مهيا ڪيو وڃي.

Read Previous

آصف زرداري ڀٽو کي ڇڏي پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ٺاهي: حريم شاهه

Read Next

نواز شريف کي جنم ڏينهن جون واڌايون، سندس ڀاءُ هجڻ تي فخر آهي: شهباز شريف

Most Popular