نواز شريف کي جنم ڏينهن جون واڌايون، سندس ڀاءُ هجڻ تي فخر آهي: شهباز شريف

ن ليگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته مون کي نواز شريف جو ڀاءُ هجڻ تي فخر آهي.

نواز شريف جي ڄمڻ واري ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته پنهنجي ڀاءُ، قائد، سچي پاڪستاني ۽ عوام دوست اڳواڻ محترم محمد نواز شريف کي سندس ڄمڻ واري ڏينهن تي واڌايون ڏيان ٿو.

هن چيو مون کي فخر آهي ته الله تعاليٰ محمد نواز شريف جي شڪل ۾ اهڙو ڀاءُ  ۽  قائد عطا ڪيو آهي، جيو رشتن کي مقدس سمجهي ٿو ۽ انسان جي  احترام  تي يقين رکي ٿو.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي دل پنهنجي عوام ۽ ملڪ جي بهتري جي لاءِ ڌڙڪي ٿي، هو اصول ۽ ملڪ جي مفاد ۾ هر خطري  کي منهن ڏئي ويندو آهي، جنهن جا حوصلا هماليا کان به وڏا، محبت ماکي کان به مٺي ۽  ارادا  فولاد کان به مضبوط آهن.

شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ اوهان کي سلامت رکي ۽ اسان جي سِرن تي اوهان جو پاڇو قائم  ۽ دائم رهي، آمين.

Read Previous

سلطانپور ويجهو ڳوٺ برٿ سمائر جي رهواسين پاران ڳوٺ جي مقامي بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

نواز شريف ڪهڙي صورت ۾ موٽندو؟ شهباز گل ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular