پاڪ فوج جي چوڪي تي دهشتگردن جي حملي ۾ جوان شهيد

خيبر پختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ فوجي چوڪي تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ هڪ جوان شهيد ٿي ويو.

پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب دهشتگردن اتر وزيرستان جي علائقي شيوا ۾ پاڪ فوج جي چوڪي تي فائرنگ ڪئي.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فوجي جوانن دهشتگردن جي فائرنگ تي ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي ۽  فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نائيڪ نور مرجان شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

Read Previous

نواز شريف ڪهڙي صورت ۾ موٽندو؟ شهباز گل ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

لاهور: هلندڙ سال جنسي زيادتي جا 747 واقعا ٿيا

Most Popular