لاهور: هلندڙ سال جنسي زيادتي جا 747 واقعا ٿيا

پنجاب صوبي جي گادي واري شهر لاهور ۾ هلندڙ سال 2021 ۾ 18 ننڍن ٻارڙن ۽ ٻارڙين کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته گڏيل طور زيادتي جا 747 جا واقعا سامهون آيا.

پوليس جي رڪارڊ موجب اجتماعي زيادتين جا به 36 واقعا رپورٽ ٿيا ۽ انفرادي زيادتي جا 581 واقعا سامهون آيا آهن.

پوليس موجب ڊي اين اي جا 575 نمونا فرانزڪ جي لاءِ اماڻيا ويا، جن مان رڳو 30 نتيجا ملي سگهيا، جڏهن ته 545 نمونا فرانزڪ سائنس ايجنسي ۾ هيل تائين دير جو شڪار آهن.

زيادتي جي 796 جوابدارن مان 567 گرفتار ڪيا ويا، 172 ڪيس جاچ هيٺ آهن، جڏهن ته 103 ڪيسن جا چالان مڪمل ڪري عدالتن کي اماڻيا ويا آهن، جاچ جي شرح 29 سيڪڙو رهي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته زيادتي جا 217 ڪيس ڌرين جي راضي ٿيڻ ڪري خارج ڪيا ويا، جڏهن ته ٻين ڪيسن جي جاچ جلد مڪمل ڪئي ويندي.

Read Previous

پاڪ فوج جي چوڪي تي دهشتگردن جي حملي ۾ جوان شهيد

Read Next

عالمي برادري وڏن المين کي نظر انداز ڪري رهي آهي: پوپ فرانسس

Most Popular