افغانستان ۾ حجاب ۽ مرد بنا عورت جي سفر تي پابندي

افغان طالبان حڪم جاري ڪيو آهي ته وڏي فاصلي تائين سفر ڪندڙ عورتن کي ڪنهن مرد بنا ٽرانسپورٽ تائين پهچ فراهم نه ڪئي ويندي.

افغانستان جي نيڪي کي هٿي ۽ ڏوهن جي روڪٿام جي وزارت جي حڪم نامي موجب مختصر دورانيي يا گهٽ فاصلي تائين سفر ڪندڙ عورتن کي ان کان ڇوٽ حاصل آهي.

وزارت جي ترجمان صادق عاڪف مهاجر موجب عورتون جيڪڏهن خاندان جي ڪنهن مرد سان گڏ نه هجن ته انهن کي 45 ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ فاصلي تائين سفر جي اجازت ناهي.

اهو حڪم نامو طالبان جي ان وزارت طرفان آچر ڏينهن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد ”ڏوهن کي روڪڻ ۽ سٺن قدرن کي هٿي“ آهي.

وزارت سڀني ٽرانسپورٽ وارن کي به هدايت ڪئي آهي ته حجاب بنا عورتن کي گاڏين تي سوار نه ڪيو وڃي.

Read Previous

اومي ڪرون: ڪرڪيٽ آسٽريليا جو پاڪستان دوري بابت وڏو بيان

Read Next

مرتضيٰ وهاب جي معافي قبول، عدالت جو عهدي تان هٽائڻ جو حڪم واپس

Most Popular