مرتضيٰ وهاب جي معافي قبول، عدالت جو عهدي تان هٽائڻ جو حڪم واپس

سپريم ڪورٽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب جي ٻيهر معافي قبول ڪندي کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گٽر باغيچي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران سخت لفظ استعمال ڪرڻ تي عدالت مرتضيٰ وهاب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جسٽس قاضي امين چيو اهي رياست جون زمينون آهن توهان جي ذاتي ملڪيت نه، واپس ڪرڻيون پونديون سڀ زمينون، اسان نه وٺنداسين ته ڪو ٻيو اچي وٺندو، توهان واپس ڪيو زمينون.

ان تي مرتضيٰ وهاب جي بئنچ سان سخت جملن تي ڏي وٺ به ٿي ۽ هن عدالت کي چيو ته اسان ڇا هليا وڃون حڪومت ڇڏي؟ اوپن ڪورٽ ۾ حڪومت خلاف وڏيون وڏيون آبزرويشن پاس ڪيون وينديون آهن.

مرتضيٰ وهاب جي ڳالهه تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مسٽر چپ ڪيو ڇا ٿا ڳالهايو، سياست نه ڪيو هتي، توهان هتي سياست ڪري رهيا آهيو، هتان نڪري وڃو، هاڻ ئي توهان کي فارغ ٿا ڪيون، توهان ايڊمنسٽريٽر آهيو يا سياسي اڳواڻ؟ ايڊمنسٽريٽر کي شهرين جي خدمت لاءِ رکيو ويندو آهي ته جيئن غير جانبداري سان ڪم ڪري، ايڊمنسٽريٽر جو عهدو سياست لاءِ ناهي هوندو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پردي پٺيان ايڊمنسٽريٽر پنهنجا فرض انجام ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو، ايڊمنسٽريٽر جو رويو سياسي اڳواڻ جو آهي، شهرين جي سروس جهڙو نه.

عدالت سنڌ جي وڏي وزير کي غير جانبدار ۽ اهل شخص ايڊمنسٽريٽر لڳائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته مرتضيٰ وهاب ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جو اهل ناهي.

پوءِ مرتضيٰ وهاب سخت لفظ استعمال ڪرڻ تي عدالت کان معافي گهري.

مرتضيٰ وهاب عدالت جي روبرو چيو ته مان معافي چاهيان ٿو، پنهنجي رويي تي معذرت ٿو ڪيان، جنهن تي جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته اسان توهان کي عهدي تان هٽائي چڪا آهيون، هاڻ توهان ايڊمنسٽريٽر ناهيو رهيا، توهان رياست نه حڪومت آهيو، ٻنهي ۾ فرق جي خبر هجڻ گهرجي، توهان جو عهدي تي رهڻ مفادن جو تضاد هوندو.

عدالت ڪارروائي ۾ مختصر وقفي کانپوءِ مرتضيٰ وهاب جي معافي قبول ڪري ورتي ۽ کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو.

Read Previous

افغانستان ۾ حجاب ۽ مرد بنا عورت جي سفر تي پابندي

Read Next

قومي سلامتي ڪميٽي پهرين نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular