شاهنواز ڏاهاڻي جي نَڪ جو ڪامياب آپريشن

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جي نَڪ جي سرجري ڪري ڦاٿل پٿريءَ کي ڪڍي ويو.

شاهنواز ڏاهاڻي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ نڪ جي سرجري ڪرائي، جنهن دوران ننڍپڻ ۾ سندس نڪ ۾ ڦاٿل پٿري ڪڍي وئي.

فاسٽ بالر جي ننڍپڻ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب نڪ جي ڀڳل هڏي به ٺيڪ ڪئي وئي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته هو پاڪستان سپر ليگ شروع ٿيڻ کان اڳ فٽ ٿي ويندو.

ٻن ڪلاڪن جي سرجري ۽ ريڪوري کانپوءِ شاهنواز ڏاهاڻي کي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ڪيو، جڏهن ته کيس 4 جنوري تي ٻيهر چيڪ اپ لاءِ گهرايو ويو آهي.

شاهنواز ڏاهاڻي کي نڪ جي مسئلي سبب ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي.

Read Previous

دل جي مرضن جا ڪارڻ سمجهڻ ۾ اهم اڳڀرائي

Read Next

مُئل سمجهيل شخص آخري رسمن ۾ اُٿي پيو

Most Popular