دل جي مرضن جا ڪارڻ سمجهڻ ۾ اهم اڳڀرائي

Human Heart Anatomy Illustration. 3D render

اسان ڄاڻون ٿا ته انفليميشن يا اندروني سڙت، ڀلي اها سيني ۾ هجي يا وري پيٽ ۾، جيڪڏهن گهڻو عرصو هلي ته ڪيترن ئي مرضن جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي.

ان سلسلي ۾ هاڻ دل جي مرضن جو سبب بڻجندڙ سڙت کي سمجهڻ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

ميساچيوسيٽس جنرل اسپتال جي سائنسدانن ٻڌايو آهي ته سڙت وارا سڻڀا مرڪب دل جي رڳن ۾ گڏ ٿيندا آهن ۽ انهن جو رستو تنگ ڪري ڇڏيندا آهن، ان کانپوءِ رت جي رواني متاثر ٿيندي آهي ۽ دل جو مرض ٿي ويندو آهي.

ماهرن موجب دل جي مريضن جي رت ۾ اڇا جُزا گهڻي مقدار ۾ ٺهڻ لڳندا آهن ۽ سڻڀ انهن کي اڃا وڌائي ڇڏيندو آهي.

اهي سڄيون جسماني آلودگيون رت مان ئي سفر ڪنديون آهن ۽ دل تائين پهچڻ لڳنديون آهن، اتي رت جي تندرست ۽ ويڪرين نالين (رڳن) ۾ جمع ٿي انهن کي سوڙهو ڪري ڪيترين ئي بيمارين جو سبب بڻجنديون آهن.

پر ان جي شروعات ڪيئن ٿيندي آهي ۽ ان جو سبب ڇا آهي؟ ماهرن ان عمل تي غور ڪيو ۽ ڪيتريون ئي اهم حقيقتون پيش ڪيون آهن.

سائنسدانن کي ڪيترائي سال ڪوئن تي ڪيل تحقيق سان خبر پئي ته هڏين اندر مِک (بون ميرو) ۾ انهن جو ڪردار اهم هوندو آهي، سڀ کان اڳ هڏين اندر مِک جي نالين ۽ رستن ۾ تبديلي ٿيندي آهي، پوءِ اهي رت ۾ وينديون آهن ۽ رڳن ۾ جمع ٿي وينديون آهن.

ان اهم تحقيق کانپوءِ هاڻ ماڻهن جو ڌيان بون ميرو ڏانهن ٿي ويو آهي ۽ وڌيڪ تحقيق سان دل جي مرضن کي پاڙئون ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهندي.

Read Previous

حريم کي ڪجهه ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي، هو هميشه منهنجي عزت ڪندي آهي: بلال شاهه

Read Next

شاهنواز ڏاهاڻي جي نَڪ جو ڪامياب آپريشن

Most Popular