قومي اسيمبلي ۾ پ پ جي شگفتا جماڻي ۽ تحريڪ انصاف جي غزالا سيفي هٿين پئجي ويون

قومي اسيمبلي ۾ حڪومت پاران ضمني مالياتي بل 2021 پيش ڪيو ويو، ان دوران اپوزيشن ميمبرز سخت احتجاج ڪيو.

بل پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن پارٽين جا ميمبرز پنهنجي سيٽن تان اٿي اسپيڪر جي ڊائس ويجهو گڏ ٿي ويا ۽ سخت احتجاج ڪيو.

اپوزيشن ميمبرز مهانگائي خلاف نعرن تي ٻڌل پلي ڪارڊز  کڻي احتجاج ڪيو، ان دوران پيپلز پارٽي جي عورت ميمبر شگفتا جماڻي حڪومتي پارٽي تحريڪ انصاف جي ميمبر غزالا سيفي کي چماٽ وهائي ڪڍي.

واقعي بعد تحريڪ انصاف جي ميمبر ايوان مان ٻاهر اچي وئي ۽ هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي هٿ کي مروڙيو ويو ۽ منهنجي آڱر زخمي ٿي پئي آهي.

غزالا سيفي چيو ته قومي اسيمبلي جي ميمبرز کان پڇڻ گهرجي ته هنن ڪٿان تعليم حاصل ڪئي آهي.

هن چيو ته مان اسپتال پهتي آهيان، جتي ڊاڪٽرز چئي ڇڏيو آهي ته آڱر ۾ فريڪچر آهي، ان جو ايڪسري ٿيندو، واقعي خلاف درخواست ڏينديس.

غزالا سيفي ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته هُن شگفتا جماڻي کي جوابي چماٽ وهائي، ڇو ته هن وٽ ان وقت ڪو ٻيو آپشن نه هو.

ان حوالي سان پ پ جي قومي اسيمبلي جي ميمبر شگفتا جماڻي جو موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي.

Read Previous

شهباز شريف جي تقرير نوڪريءَ جي درخواست هوندي آهي: وزيراعظم

Read Next

شيخ رشيد مني بجيٽ جا انگ اکر ٻڌائيندي وڏي غلطي ڪري ويو

Most Popular