وفاقي وزير علي زيدي وزيراعظم عمران خان جي ويڊيو لنڪ ذريعي اسلام آباد جي ضلعي عدالت ۾ پيشي جي ويڊيو شيئر ڪري ڇڏي.
سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير علي زيدي پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي اها ويڊيو شيئر ڪئي.
وزيراعظم عمران خان 17 ڊسمبر تي ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ جي ڪيس ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ جج سامهون پيش ٿيو هو.
ٻڌڻي جي شروعات تي وزيراعظم کان جج حلفي بيان ۽ صحيحن جي تصديق ڪرائي.