وقت ٻڌائيندو ته ملڪ کي وڌيڪ فائدو ميٽرو ٽرين ڏيندي يا صحت ڪارڊ؟ وزير اعظم

عمران خان

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پهريون ڀيرو مديني جي رياست ۾ ڪمزور طبقي جي ذميواري رياست کنئي، جنهن کانپوءِ  مديني جي رياست آڏو ايشين ٽائيگر به ڪا شئي ناهي.

گورنر هائوس لاهور  ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته صحت ڪارڊ جهڙو انقلابي فيصلو هر ڪو نٿو ڪري سگهي، صحت ڪارڊ تي 10 لک رپين تائين علاج ڪنهن به اسپتال مان ڪرائي سگهجي ٿو، پنجاب ۾ هر ڪٽنب کي صحت ڪارڊ جي سهولت ملندي.

هن چيو ته فلاحي رياست اُها هوندي آهي، جنهن ۾ هر ڪنهن کي ترقي ۽ خوشحالي جو موقعو ملي، پهريون ڀيرو  مديني جي رياست ۾ ڪمزور طبقي جي ذميواري رياست کنئي پر فلاحي رياست جو ماڊل اڄ مسلمان ملڪن  ۾ نظر نٿو اچي، رڳو يورپ ۾ نظر اچي ٿو، اسان کي اُن رستي تي اچڻو آهي، جيڪو قوم جي عظمت جو رستو آهي.

وزير اعظم چيو ته مديني جي رياست آڏو ايشين ٽائيگر به ڪا شئي ناهي، اسان پاڪستان کي عظيم رستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسوا حسنيٰ تي هلڻ جو حڪم اسان جي بهتري لاءِ ڏنو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته حڪومت اسپتالون ٺاهڻ جي لاءِ پئسا نه لڳائيندي، ماڻهو پاڻ اچي اسپتالون ٺاهيندا، اسان چاهيون ٿا ته پري پري جي ماڻهن کي علاج جي سهولت ملي، مارچ تائين پنجاب ۾ سمورن گهراڻن کي صحت ڪارڊ ملي ويندا، وقت ٻڌائيندو ميٽرو ٽرين ملڪ کي وڌيڪ فائدو پهچائيندي يا صحت ڪارڊ؟

Read Previous

سنڌ ۾ هزارين اسڪول بند ڪرڻ ۽ گهر ويٺي پگهار کڻندڙ استادن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

Read Next

وزيراعظم جي ويڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيشي جي ويڊيو سامهون اچي وئي

Most Popular