جميعت علماء اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو آهي ته مسلمانن جي نئي سال جي شروعات محرم الحرام کان آهي

ڪراچي(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)جميعت علماء اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو آهي ته مسلمانن جي نئي سال جي شروعات محرم الحرام کان آهي. جنوري لان نئي سال جي شروعات يهودين ۽ عيساين،ڪافرن جي شروعات آهي.انهن جو ڏينهن آهي.نئي سال جي خوشي ۾ اسان جو نوجوان رات جو فائرنگ،شباب،ڪباب جو محفلون ٿا ڪن.جيڪي نئي سال جي خوشي ۾ رات جو پروگرام ناچ گانا ٿا ڪن انهن کي الله جي رضا خاطر ختم ڪريو.اها اسلام جي خدمت نه آهي اها ڪفر جي خدمت آهي.مسلمان جي سال جي شروعات پهرين محرم الحرام کان آهي.ڪافر سال جو آخريون ۽ نئي سال جو ڏينهن زنا،شراب ۾ ملهائيندا آهن.مسلمانن جي سال جي آخر تي نظر ڪريو ته آخري مهينو ذوالحج آهي.جيڪو قربانين جو مهينو آهي.سال جي شروعات محرم الحرام سان آهي ان ۾ به قربانيون آهن.مسلمانن کي اهي مهينا پيغام ٿا ڏين اياشيون ڪافرن جي خاطي ۾ آهن.اسان مسلمانن جي خاطي ۾ قربانيون آهن.دين جي چوڪيداري،اسلام جي چوڪيداري آ،الله جي ڌرتي تي الله جي نظام جي جدوجهد آهي.مسلمان 31ڊسمبر تي سال جو استقبال نه ڪندو آهي ڪافر ڪندا آهن.مسلمان سال جو استقبال منهنجي مرشد حضرت عمر فاروق رض جي يوم شهادت سان ڪندو آهي.ته عهد ڪندو آهي ته حضرت عمرفاروق رض دلير هو.اسان به دلير بڻجنداسين.حضرت عمرفاروق رض بهادر جو اسان به بهادر بڻجنداسين.18 ذوالحج حضرت عثمان غني رض جي شهادت جو ڏينهن آهي.ڏهين محرم منهنجي مرشد حضرت امام حسين رض جي شهادت جو ڏينهن آهي.حضرت عمرفاروق رض،حضرت عثمان غني رض،حضرت امام حسين رض جي زندگي درس ٿي ڏي ته وقت جي يزيدن جي اڳيان جهڪجو نه وقت جي يزيدن جو مقابلو ڪجو.آئون وڏيرن جي خلاف نه آهيان جيڪي وڏيرا قوم جي خدمت ٿا ڪن آئون انهن کي سلام ٿو پيش ڪريان.جيڪي خان،نواب،ڀوتار،قوم مٿان ظلم ٿا ڪن.غريبن جي حقن تي ڌارو ٿا هڻن انهن جو مقابلو ڪنداسين.18ذوالحج،پهرين محرم الحرام،ڏهن محرم الحرام اسان کي درس ٿي ڏئي ته ڪنڌ ڪپائي ڇڏيو پر وقت جي يزيدن تي هٿن تي بعيت نه ڪجو.قوم،غريبن تي ظلم ڪندڙ حسيني نه آهن يزيدي آهن.مسجيدون شهيد ڪرڻ وارا،قرآن کي گوليون هڻڻ وارا يزيدي آهن.مدرسه بند ڪرائڻ ۽ مدرسن جي نيصاب کي تبديل ڪرائڻ وارا يزيدي آهن.نئون سال توهان کان مطالبو ٿو ڪري ته هنن يزيد کي ڇڏي.حسيني قافلي جا سپاهي بڻجي وقت جي يزيدن سان منهن اٽڪايو.

Read Previous

ملڪاڻي شريف : بئراجي علائقن جو ٽماٽو ٽڪي ڌڙي ۾ نيلام ٿيڻ لڳو

Read Next

ڪپتان کي بااختيار بڻائڻ سان ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ تسلسل آيو

Most Popular