ڪپتان کي بااختيار بڻائڻ سان ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ تسلسل آيو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا قوم کي نئين سال جو واڌايون پيش ڪيون آهن.

نئين سال جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ پي سي بي چيئرمين قومي ٽيم ۽ ڪرڪيٽ جي حوالي سان به ڳالهايو.

رميز راجا چيو ته ڪپتان کي بااختيار ڪرڻ سان قومي ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ تسلسل آيو، جڏهن ته ايج گروپ ڪرڪيٽ ۾ حصو وٺندڙ باصلاحيت رانديگرن کي پاٿ وي ۽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جو بهترين انفرا اسٽرڪچر بڻائڻ هن سال منهنجي ترجيح هوندي، ايج گروپ ڪرڪيٽرن کي وظيفو ۽ برابري جي ڪرڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽي ٽين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائڻ تي به غور ڪيو ويندو، انڊر 19 ۽ وومينز پي ايس ايل لاءِ به ڪم ڪري رهيا آهيون، ڊراپ ان ۽ هائبرڊ پچز تي به تيزي سان ڪم جاري آهي، اسلام آباد ۾ اسٽيڊيم ۽ هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ نوان ڪمرا ٺاهڻ تي ڌيان آهي.

سندس چوڻ هو ته قومي ٽيم جا ڪوچ مقرر ڪرڻ تي ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان ۽ ثقلين مشتاق سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، عام تاثر اهو ئي آهي ته قومي ٽيم سان پرڏيهي ڪوچن جي مقرري هجڻ گهرجي.

Read Previous

جميعت علماء اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو آهي ته مسلمانن جي نئي سال جي شروعات محرم الحرام کان آهي

Read Next

والاريل ڪشمير ۾ مندر ۾ ڀاڄ سبب 12 ڄڻا فوت ٿي ويا

Most Popular