ملڪاڻي شريف : بئراجي علائقن جو ٽماٽو ٽڪي ڌڙي ۾ نيلام ٿيڻ لڳو

ملڪاڻي شريف رپورٽ آزاد ريٻاري بئراجي علائقن جو ٽماٽو ٽڪي ڌڙي ۾ نيلام ٿيڻ لڳو منڊي تي واپاري آبادگارن کي گاڏين مان به نه لاهرائڻ لڳا ملڪاڻي شريف خيرپورگنبوه پتافي ٽيل سانگي فراهو پتافي ٽيل سينهائو حيات خاصخيلي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سوين ايڪڙن تي تيار ٿيل ٽماٽي جو فصل اگھ جي نه هجڻ ڪري آبادگارن کي ڪيل خرچ ڳچي ۾ پئجي ويو آھي گهڻن آبادگارن ڪاوڙ ۾ اچي کيڙي ڪرائي مال چاري پنهنجو فصل تباه ڪري ڇڏيو آھي سبزي منڊي تي واپاري 30 کان 40 رپين ۾ پنج ڪلو واري ٿيلهي 70 ۾ ٽماٽي جو ڪٽو خريد ڪري آبادگارن کي تباه ڪري رهيا آھن جنهن ڪري آبادگار طبقو ڳڻتي ۾ وڪوڙجي ويو آھي ٽماٽي جي في ايڪڙ تي ڪيل ڀاڻ ٻج زرعي دوائن کيڙي جو هڪ لک کان وڌيڪ ڪيل خرچ به آبادگار ٽماٽي مان ڪڊي نه سگهيا آھن جنهن ڪري آبادگارن کي ويتر سيٺن قرضين کنيل قرض کي ادا ڪرڻ لاء تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي جنهن ڪري آبادگار زهني پريشاني ۾ وڪوڙجي انتهائي آخري قدم کڻڻ تي سوچڻ تي مجبور آھن آبادگارن بلاول لغاري سڄڻ چانڊيو شوڪت جوڻيجو اعجاز کوسو ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ناقص پاليسن سبب سنڌ جو آبادگار تباه ٿي رهيو آھي جڏهن به ڪو فصل سنڌ جو پچي تيار ٿي لهي مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته سنڌ حڪومت هتان جي آبادگارن کي مناسب نفعو ڏيڻ بدران ساڳئي فصل کي ايڪسپورٽ جي بجاء ٻاهرين ملڪن مان امپورٽ ڪري ڪنگال ڪيو وڃي ٿو اندهير نگري چرٻٽ راجا جو راڄ آھي اسين ته تباه ٿي ويا آھيون زرعي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو پيو ٿئي نقلي دوائن ۽ ٻج جو اگھ واپاري چوٽ چاڙھي وڪرو ڪري اسان آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آھن اسان ڪنهن جي اڳيان روئي سور ٻڌايون بس اسان پريشانين ۾ خودڪشيون ڪنداسين ٻيو ڪيڏانهن وڃون مهانگائي ۾ پنهنجا ٻچا به نٿا پاري سگهون آبادگارن وزيراعظم پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي آبادگارن سان انصاف ڪري ظلم بند ڪرايو وڃي

Read Previous

واٽس ايپ جو گروپن مان تنگ واهپيدارن لاءِ نئون فيچر

Read Next

جميعت علماء اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو آهي ته مسلمانن جي نئي سال جي شروعات محرم الحرام کان آهي

Most Popular