ڪورونا جي پنجين لهر جي تصديق، سخت قدم کڻڻ جو فيصلو

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا جي پنجين لهر جي تصديق ڪندي وبا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اين سي او سي جو اجلاس وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين سي او سي ميجر جنرل ظفر اقبال ۽ صحت بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان به شريڪ ٿيو.

اين سي او سي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪورونا جي پنجين لهر اومي ڪرون تيزي سان پکڙجي رهي آهي ۽ گذريل ٽن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي.

اين سي او سي موجب ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 2 کان وڌي 6 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

اجلاس ۾ ضلعي وار ويڪسينيشن جي هدفن جو به جائزو ورتو ويو ۽ لازمي ويڪسينيشن لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اين سي او سي صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته ويڪسينيشن جا مقرر هدف کان جلد مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن ڪورونا جي پکيڙ کي روڪي سگھجي.

Read Previous

معيشت تباهه حال ملي جنهن کي هاڻ بهتر ڪيو ويو آهي: وزيراعظم عمران خان

Read Next

جي يو آءِ يا ٽي ايل پي جي چونڊن ۾ ڪاميابي بدقسمتي جي علامت آهي: فواد چوڌري

Most Popular