جي يو آءِ يا ٽي ايل پي جي چونڊن ۾ ڪاميابي بدقسمتي جي علامت آهي: فواد چوڌري

اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري احتساب جي عمل کان پوئتي نه هٽڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کان پيسا به رڪور ڪيا پر مرڪزي جوابدار ٻاهر ويٺا آهن.

پنهنجي هڪ بيان ۾ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته احتساب جي ايجنڊا تي اليڪشن کٽي آهي پر عام ماڻهو مطمئن نه آهي ۽ ووٽر سمجهي ٿو ته احتساب مڪمل ٿيڻ گھرجي.

هن چيو ته عمران خان احتساب جي ايجنڊا تي اليڪشن کٽي، اسان احتساب جي عمل کان پوئتي نه هٽنداسين، عدليا کي اليڪشن سڌارن ۽ احتساب تي ڳالهائڻ گھرجي.

وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت ۽ ن ليگ علائقائي جماعت آهي جڏهن ته پ پ سنڌ جي شهرين کي صحت ڪارڊ کان محروم ڪيو، سنڌ جي وڏي وزير کي لڳي ٿو ته صحت ڪارڊ سان سندن سياست متاثر ٿيندي.

مولانا فضل الرحمان جي حوالي سان ڳالهائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان پهرين ئي سال اچي ويو هو، نئين سال جي شروعات ائين ڪرڻ گھرجي جو اختلاف گھٽجن.

سندس چوڻ هو ته جي يو آءِ يا ٽي ايل پي جي اليڪشن ۾ ڪاميابي بدقسمتي جي علامت آهي، وڏين سياسي جماعتن جي ناڪامي سبب فرقيواريت واريون جماعتون مٿي اينديون ته نقصان ٿيندو، وڏين سياسي جماعتن کي خيال ڪرڻ گھرجي، مولانا فضل الرحمان جو قومي سياست جو ليڊر ڪرڻ بدقسمتي آهي.

فواد چوڌري چيو ته خيبرپختونخواهه جي بلدياتي چونڊن کان وڌيڪ صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪڏهن به ناهي ٿي، اهڙو سسٽم بڻائڻ چاهيون ٿا ته جنهن ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ٿين.

Read Previous

ڪورونا جي پنجين لهر جي تصديق، سخت قدم کڻڻ جو فيصلو

Read Next

ڀارتي فوج طرفان والاريل ڪشمير ۾ ڪيل قتلن ۽ ظلمن جي رپورٽ پڌري

Most Popular