ڪورونا جي نئين لهر اچي وئي، ڪراچي ۾ اومي ڪرون جي ڇرڪائيندڙ شرح

صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته صحت ڪارڊ رکندڙ ماڻهو ڪراچي سميت ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ خاص طور نجي اسپتالن ۾ علاج ڪرائي سگهن ٿا.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته مخصوص اسپتالن ۾ علاج ڪرائيندڙ مريضن کي علاج جي رقم لاءِ ادائيگي ناهي ڪرائڻي، اسپتال ۽ حڪومت جو مقرر ڪيل کاتو پاڻ معاملا طئي ڪندو.

هن پاڪستان ۾ ڪورونا جي پنجين لهر جي تصديق ڪندي چيو ته اومي ڪرون جا ڪيس هر هنڌ سامهون اچي رهيا آهن، ڪراچي ۾ ان قسم جي ڪيسن جي شرح 8.9 سيڪڙو، جڏهن ته لاهور ۽ پشاور ۾ 2.2 سيڪڙو آهي.

سندس چوڻ هو ته ويڪسينيٽڊ ماڻهو به ڪورونا جو شڪار ٿي رهيا آهن پر شرح گهٽ آهي، اين سي او سي جي اجلاس ۾ موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

Read Previous

ليڊيز ونگ جي صوبائي صدر محترمہ شگفته جماڻي کي لسٽ موڪلي ويندي جنهن بعد عهدن جو اعلان ڪيو ويندو

Read Next

ڪراچي وارن لاءِ بجلي مهانگي ٿي وئي

Most Popular