ڪراچي وارن لاءِ بجلي مهانگي ٿي وئي

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي جي واهپيدارن لاءِ بجلي هڪ رپيو 7 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

بجلي آڪٽوبر جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي، واهپيدارن کان اها واڌ جنوري جي بلن ۾ وصول ڪئي ويندي.

بجلي جي قيمت ۾ اها واڌ لائف لائن واهپيدارن تي لاڳو نه هوندي.

واضح رهي ته ڪراچي جا واهپيدار ڊسمبر جي بلن ۾ سيپٽمبر جي في يونٽ 4 رپيا ايڊجسٽمينٽ به ادا ڪري رهيا آهن.

Read Previous

ڪورونا جي نئين لهر اچي وئي، ڪراچي ۾ اومي ڪرون جي ڇرڪائيندڙ شرح

Read Next

مسجد مسمار نه ڪرڻ جي اپيل رد، زمينن تي قبضي ۾ مذهب جو استعمال ٿي رهيو آهي: سپريم ڪورٽ

Most Popular