آرمي چيف کي وڌيڪ واڌ ڏيڻ بابت اڃا ناهي سوچيو: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان حڪومت لاءِ ايندڙ  3 مهينا انتهائي اهم قرار ڏئي ڇڏيا ۽ چيو ته فوجي قيادت سان مثالي لاڳاپا آهن، آرمي چيف کي وڌيڪ واڌ ڏيڻ بابت اڃا ناهي سوچيو، نومبر گهڻو پري آهي.

هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته خيبر پختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ شڪست سان پارٽي کي نقصان ٿيو، اها پارٽي جي تنظيمي سطح تي وڏي ناڪامي آهي، حڪومت جي سڀ کان وڏي ناڪامي احتساب جو نه ٿيڻ آهي، سمورين شاهدين باوجود اهڙي ماڻهو بچي ٿا وڃن.

هن چيو اپوزيشن بي اعتمادي رٿ آڻڻ چاهي ٿي ته ضرور آڻي، اتحادين سان گڏجي حڪومت 5 سال پورا ڪندي.

سندس چوڻ هو ته الله جو شڪار آهي ته پي ٽي آءِ جي ووٽ بئنڪ ۾ ڪا گهٽتائي ناهي ٿي، حڪومت جي ڪيترن ئي سٺن ڪمن جي مشهوري نه پئي ٿئي، ايندڙ ٽن مهينن ۾ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي مان مڪمل طور مطمئن آهيان، جڏهن ته پاڪستان جا چين ۽ آمريڪا سان سٺا لاڳاپا آهن.

Read Previous

خيبر پختونخواهه: مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

ڀارت ۾ آبادگارن مودي جي قافلي کي روڪي ڇڏيو

Most Popular