صالح پٽ لڳ شهيد ڏاڏو دريا خان شنباڻي جي هر سال جيان هن سال به ورسي ٿي گذري

صالح پٽ (رپورٽ غلام علي ملاح) صالح پٽ لڳ شهيد ڏاڏو دريا خان شنباڻي جي هر سال جيان هن سال به ورسي ٿي گذري جنهن ۾ حاجي موردين شنباڻي :۽محمد اقبال شنباڻي جي اڳواڻي م اٺن جي ڊوڙ جو پروگرام منعقد ڪيو ويو مچ ڪچهري سان گڏ ڏور بيت جو سلسلو به جاري رهيو ان موقعي تي حاجي موردين شنباڻي اٺن جي سوارن ۽آيل ماڻهن کي ڀليڪار چوندي علائقي جي معزيزين خاص مهمان فنڪشنل مسلم ليگ تعلقي صالح پٽ جي صدر محترم وڏيرو حسين بخش خان ڀنڀرو؛ حاجي علي محمد خان ڀنڀرو علي بخش ڀنڀرو ۽شفي محمد ڀنڀرو کي اجرڪن جا تحفا ڏنا اٺن جي سوارن کي به سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جو تحفو ڏنو ويو آخر ۾ پاڪستان جي سلامتي پاڪ فوج لاءِ دعا پڻ گهري وئي

Read Previous

ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عامر حسين پنھور چيو آهي ته ھر سال بھار جي موسم ۾ نوابشاهه ۾ گلن جي نمائش منعقد

Read Next

حڪومت لاءِ وڏو امتحان: پ پ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular