حڪومت لاءِ وڏو امتحان: پ پ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت خلاف لانگ مارچ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪي مسئلن جو حل رڳو جمهوريت آهي.

لاهور ۾ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄوڪي ويهڪ ۾ ملڪي صورتحال ۽ حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ طالبان سان ڳجهين ڳالهين، ملڪ ۾ جاري مهانگائي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي خود مختياري جهڙن قدمن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو.

پ پ چيئرمين حڪومت خلاف لانگ مارچ جو اعلان ڪندي چيو ته مارچ جي شروعات 27 فيبروري تي قائداعظم جي مزار کان ٿيندي ۽ اسان جو قافلو اسلام آباد پهچندو.

بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ فوري طور شفاف چونڊن جو مطالبو ڪندي چيو ته ملڪي مسئلن جو حل رڳو پ پ وٽ آهي، اسان ماضي ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو ۽ اڳتي به ڪڍنداسين.

سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف 7 سالن تائين پرڏيهي فنڊنگ کي لڪايو ۽ ان پئسي کي جمهوري جماعتن خلاف سازشن ۾ استعمال ڪيو، جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ان معاملي تي پي ٽي آءِ خلاف سخت ايڪشن وٺي.

هن چيو ته اسان جي معاشي خود مختياري جو سودو ڪيو پيو وڃي، جنهن کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان آءِ ايم ايف کي جواب ڏيندي، ملڪ ۾ تاريخي مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، حڪومت کان ڇوٽڪاري لاءِ صاف ۽ شفاف چونڊون اڻٽر آهن، سي اي سي منشور ۽ اليڪشن ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

Read Previous

صالح پٽ لڳ شهيد ڏاڏو دريا خان شنباڻي جي هر سال جيان هن سال به ورسي ٿي گذري

Read Next

حبا بخاري ۽ آريز احمد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا

Most Popular