ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عامر حسين پنھور چيو آهي ته ھر سال بھار جي موسم ۾ نوابشاهه ۾ گلن جي نمائش منعقد

نوابشاهه (رپورٽ راج ڪماراوڏ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عامر حسين پنھور چيو آهي ته ھر سال بھار جي موسم ۾ نوابشاهه ۾ گلن جي نمائش منعقد ڪرائڻ جو مقصد شھرين خاص ڪري ٻارن،عورتن ۽ بزرگن لاءِ تفريح جا موقعا فراهم ڪرڻ آھي سمورن لاڳاپيل کاتن جا عملدار ھن ڀيري گلن جي نمائش کي وڌيڪ بھتر بنائڻ ۽ معياري پروگرام منعقد ڪرائڻ لاءِ پنھنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻين اھڙن خيالن جو اظهار ھن اڄ درٻار ھال ۾ 25 کان 27 فيبروري 2022 تائين ايڇ ايم خواجه ھاء اسڪول نوابشاهه ۾ گلن جي نمائش، سائنس اينڊ آرٽ ايگزيبيشن منعقد ڪرڻ جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر تعليم،سوشل ويلفيئر ۽ زراعت کاتي جي عملدارن کي ھدايت ڪندي چيو ته ھن ڀيري گلن جي نمائش، سائنس ۽ آرٽ ايگزيبيشن کي وڌيڪ بھتر بڻائيندي منفرد طريقي سان منعقد ڪيو وڃي فلاور شو صرف نالي جي ئي گلن جي نمائش ناھي پر ھن ايونٽ جي دوران اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سائنس ۽ آرٽ جا پروجيڪٽ متعارف ڪرائي پنھنجون صلاحيتون مڃرائڻ جو زبردست موقعو فراهم ڪرڻ آھي جئين انھن جي حوصلي افزائي ۾ پڻ بي پناھ اضافو ٿي سگھي ھن وڌيڪ چيو ته شھر ۾ رنگ برنگي خوبصورت ۽ خوشبو دار گلن جي نمائش کان علاوه اھڙي طرح جا ٻيا ايونٽ پڻ منعقد ٿيڻ گھرجن جنھن ۾ سڀني کي گڏجي حصو وٺڻ گھرجي ڊپٽي ڪمشنر رينجرز ۽ پوليس جي عملدارن کي گلن جي نمائش دوران سيڪيورٽي جا بھتر انتظام بنائڻ جي پڻ ھدايت ڪئي ھن حيسڪو عملدارن کي پڻ ھدايت ڪئي ته گلن جي نمائش دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ ھرگز نه ڪئي وڃي ان موقعي تي اجلاس کي آگاھي ڏيندي سابق ڊائريڪٽر ايجوڪيشن راضي خان جمالي ٻڌايو ته ھر سال منعقد ٿيندڙ ٽن ڏينھن واري گلن جي نمائش دوران مختلف قسم جي گلن جا اسٽال لڳائڻ سميت سرڪاري ۽ نجي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سائنس ۽ آرٽس جا اسٽال لڳايا ويندا آهن ھن وڌيڪ ٻڌايو ته صرف فيمليز لاءِ نمائش جو ٻيو ڏينھن مخصوص ھوندو آھي جنھن سان ھن ايونٽ ۾ عورتن جي دلچسپي وڌي ويندي آهي ۽ ھو وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪنديون آهن ھن وڌيڪ چيو ته گذريل نمائش دوران 80 کان 85 ھزارن ماڻھن گلن جي نمائش ۾ شرڪت ڪئي جنھن مان شھرين جي دلچسپي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو اجلاس ۾ پرنسپل بختاور ڪيڊٽ ڪاليج برگيڊئير محمد آمين، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سونيا ڪليم، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايڇ ايم خواجه لائبريري مير خان زرداري، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر قربان علي راھو،ڊي ايس پي پيارو خان جمالي سميت اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ اسڪولن جي پرنسپلز ۽ ھيڊ ماسترن شرڪت ڪئي.

Read Previous

ڪورونا ۾ وري تيزي، ٽن مهينن دوران سڀ کان وڌيڪ ڪيس رڪارڊ

Read Next

صالح پٽ لڳ شهيد ڏاڏو دريا خان شنباڻي جي هر سال جيان هن سال به ورسي ٿي گذري

Most Popular