حبا بخاري ۽ آريز احمد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا

اداڪارا حبا بخاري ۽ اداڪار آريز احمد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا.

سوشل ميڊيا تي حبا بخاري ۽ آريز احمد جي نڪار جي تصوير ۽ وڊيوز وائرل ٿي رهيون آهن جنهن ۾ ٻنهي کي نڪاح جي ڏينهن خوشگوار موڊ ڏسي سگھجي ٿو.

حبا ۽ آريز نڪار جي ڏينهن آف وائيٽ رنگ جي خوبصورت لباس جي چونڊ ڪئي، حبا کي آف وائيٽ ۽ گولڊن رنگ جي غراري ۾ ڏسي سگھجي ٿو جڏهن ته آريز آف وائيٽ شيرواني پهري آهي.

اداڪارا انسٽاگرام تي نڪاح جي ڏينهن جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته آئون سوچيندي هيس ته پهرين نظرڇا آهي ۽ آئون اڄ ڏسي ورتو، نظر، کِل ۽ ڳوڙها………..

ٻي پاسي آريز به حبا جي تصوير شيئر ڪندي مداحن کي نڪار ح خوشخبري ٻڌائي.

Read Previous

حڪومت لاءِ وڏو امتحان: پ پ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

قازقستان ۾ ايل پي جي اگھن ۾ واڌ خلاف مظاهرا، 30 ماڻهو مارجي ويا، روس فوج موڪلي ڇڏي

Most Popular