قازقستان ۾ ايل پي جي اگھن ۾ واڌ خلاف مظاهرا، 30 ماڻهو مارجي ويا، روس فوج موڪلي ڇڏي

قازقستان ۾ ايل پي جي جي قيمت جي واڌ خلاف عوام جو سخت احتجاج جاري آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ هنگامي صورتحال لاڳو ڪئي وئي آهي.

انٽرنيٽ سروس معطل آهي جڏهن ته ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر الماتي ميدان جنگ بڻجي ويو آهي.

عرب ميڊيا موجب سيڪيورٽي اهلڪارن سان جهڙپن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 30 ڄڻا مارجي ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. وڳوڙن جي الزام هيٺ ٻن ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي.

اختيارين حالتن کي نظر ۾ رکندي پرڏيهين جي ملڪ ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

قازقستان جي سڀ کان وڏي شهر الماتي ۾ گذريل ڏينهن ۽ اڄ سيڪيورٽي فورسز احتجاج ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن پر حتمي انگ سامهون ناهي آيو.

پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن مظاهرن جي آڙ ۾ شرپسندن پوليس اسٽيشنز ۽ سرڪاري عمارتن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي جنهن تي انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.

انهن مظاهرن ۾ هيل تائين سيڪيورٽي فورسز جا 13 اهلڪار مارجي ۽ 353 زخمي ٿي چڪا آهن.

قازقستان جي صدر قاسم جومارت توقايف جي درخواست تي حالتون ڪنٽرول ڪرڻ ۾ سهڪار لاءِ روس پنهنجا فوجي دستا روانو ڪري ڇڏيا آهن. قازقستان روسي فوجين جي مدد ڪليڪٽو سيڪيورٽي ٽريٽي آرگنائيزيشن (سي ايس ٽي او) جي تحت گھري آهي جنهن جي ميمبر ملڪن ۾ روس، بيلاروس، تاجڪستان، ڪرغيزستان ۽ آرمينيا به شامل آهن.

ڪليڪٽو سيڪيورٽي ٽريٽي آرگنائيزيشن تصديق ڪئي آهي ته روسي فوجي امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجا فرض انجام ڏيندا ۽ قازقستان جي سيڪيورٽي فورسز جي مدد ڪندا.

قازقستان ۾ مظاهرن سبب مختلف ملڪن الماتي لاءِ پنهنجون اڏامون معطل ڪري ڇڏيون آهن جن ۾ فلاءِ دبئي ۽ ايئر عريبيه به شامل آهن.

ان کانسواءِ نيشنل بيڪ آف قازقستان به ملڪ ۾ پنهنجي سروس بند ڪري ڇڏي آهي.

گذريل ڏينهن صدر وزيراعظم جو استعيفيٰ منظور ڪندي ڪابينا ٽوڙي ڇڏي هئي ۽ اگھه ٻيهر گھٽائڻ جي خاطري ڪرائي هئي.

ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت ايل پي جي وڌ کان وڌ قيمت جي حد ختم ڪري ڇڏي جنهن جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان جي قيمت تقريبن ٻيڻي ڪئي وئي.

آچر جي ڏينهن قازقستان جي صوبي مانگستائو ۾ مظاهرن جي شروعات ٿي ۽ پوءِ اهي مظاهرا الماتي ۽ راڄڌاني نور سلطان تائين پکڙجي ويا.

واضح رهي ته قازقستان ۾ وڏي انگ ۾ شهري ايل پي جي کي گاڏي ۾ ٻارڻ طور استعمال ڪندا آهن.

قازقستان ۾ مظاهرن جي تاريخ

اچ ايشيائي ملڪ قازقستان سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ 1991ع ۾ آزادي جو اعلان ڪيو ۽ ان ملڪ ۾ مظاهرا ٿيندا رهندا آهن.

ان کان اڳ 2011ع ۾ پگھارن ۽ ورڪنگ ڪنڊيشنز خلاف مظاهرا ٿيا هئا جن ۾ 14 آئل ورڪرز مارجي ويا هئا. انهن مظاهرن جي شروعات به مانگستائو صوبي کان ٿي هئي.

Read Previous

حبا بخاري ۽ آريز احمد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا

Read Next

ڀارت ۾ اومي ڪرون سبب پهريون موت

Most Popular