ڀارت ۾ اومي ڪرون سبب پهريون موت

Health workers carry the body of a man who died due to the coronavirus disease (COVID-19) for his cremation at a crematorium in New Delhi, India, June 4, 2020. REUTERS/Adnan Abidi

ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي ڏکڻ آفريقي ويرينٽ اومي ڪرون سبب پهرين فوتگي سامهون اچي وئي.

ڀارت جي صحت واري وزارت اومي ڪرون سبب 74 ورهين جي شهري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جنهن جو واسطو راجسٿان رياست سان هو.

صحت واري وزارت موجب اومي ڪرون  جو متاثر شخص شوگر سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا  هو.

ڀارت ۾ هيل تائين اومي ڪرون وائرس جا گڏيل طور 2630 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اڄ ڪورونا وائرس جا 90 هزار ڪيسز سامهون آيا، جيڪي ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي نئين لهر جي علامت آهن.

ڀارت ۾گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 325 مريض فوت ٿيا، جن مان هڪ مريض اومي ڪرون سبب فوت ٿيو.

ڀارتي ميڊيا ٻڌايو ته اومي ڪرون سبب متاثر مريض 15 ڊسمبر تي اسپتال  ۾ داخل ٿيو ۽ 15 ڏينهن تائين زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندو رهيو، جڏهن ته ڊاڪٽرز موجب مريض جي ويڪسينيشن ٿيل هئي.

واضح رهي ته ڀارت ۾ ڪورونا جي شروعات کان هيل تائين گڏيل طور 36 ملين کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 4 لک 82 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

Read Previous

قازقستان ۾ ايل پي جي اگھن ۾ واڌ خلاف مظاهرا، 30 ماڻهو مارجي ويا، روس فوج موڪلي ڇڏي

Read Next

طالبان عورتن جي راندين جي سرگرمين تي پابندي لڳائي ڇڏي

Most Popular