چين ۾ آفيس جي ڪينٽين ۾ ڌماڪو، 16 ڄڻا فوت

چين جي هڪ ڪمرشل عمارت جي ڪينٽين ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي ڏکڻ اولهه واري صوبي چونگ چنگ ۾ هڪ ڪمرشل عمارت زوردار ڌماڪي سان لڏي پئي. ڌماڪي ۾ عمارت جي ڪينٽين مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ ڪيترائي ماڻهو دٻجي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو  ڪيترين ئي آفيسن تي ٻڌل عمارت جي ڪينٽين ۾ ٿيو جتي ملازم لنچ ڪري رهيا هئا. ڌماڪي وقت عمارت ۾ 600 ملازم موجود هئا.

ريسڪيو اداري جي ڪارڪنن ڪينٽي جي ملبي هيٺان 26 ڄڻن کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي 16ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته 10 مان هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ ڌماڪو گيس ليڪيج لڳي رهيو آهي پر اڃا جاچ جاري آهي. فوتين ۽ زخمين ۾ عمارت ۾ موجود مختلف ڪمپنين جي آفيسن جا ملازم هئا.

Read Previous

سال جي فرق سان پيدا ٿيندڙ جاڙا ڀاءُ ۽ ڀيڻ

Read Next

سيوھڻ الشھباز ريڙھا مزدور ويلفيئر يونين پاران گولڊن گيٽ تي ڪار پارڪنگ ٺاھڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular