سال جي فرق سان پيدا ٿيندڙ جاڙا ڀاءُ ۽ ڀيڻ

توهان جاڙن ٻارن جي پيدائش ۾ هڪ کان ٻن منٽن جو فرق ٻڌو هوندو پر اڄ اسان توهان کي انهن ٻارن بابت ٻڌائڻ وارا آهيون جن جي ڄمڻ ۾ هڪ سال جو فرق آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ هڪ عورت جاڙن ٻارن کي جنم ڏنو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب فاطمه ميڊريگال ۽ رابرٽ ٽريوجيلو نيٽيواڊ ميڊيڪل سينٽر ۾ ٻارڙن جنم ڏنو ۽ ٻنهي جي ڄمڻ ۾ 15 منٽن جو فرق هو.
ان حوالي سان اسپتال سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن موجب عورت جي پهرين ٻار (پٽ) جو جنم 31 ڊسمبر تي رات 11 لڳي 45 منٽن تي ٿيو ۽ 15 منٽن کانپوءِ رات جو 12 وڳي تي ٻئي ٻار (ڌيءَ) جو جنم ٿيو.
سندن ڄمڻ جي وچ ۾ 15 منٽن جي وقفي جي ڪري سندن جنم ڏينهن مختلف ڏينهن ۽ مهينن ۾ آهي.
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙن جاڙن ٻارن جي پيدائش جي شرح 2 لکن مان هڪ جي برابر آهي.

Read Previous

پنجاب حڪومت مڪاني چونڊن کان اڳ سرڪاري ادارن ۾ خالي جڳهيون ڀرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Read Next

چين ۾ آفيس جي ڪينٽين ۾ ڌماڪو، 16 ڄڻا فوت

Most Popular