سيوھڻ الشھباز ريڙھا مزدور ويلفيئر يونين پاران گولڊن گيٽ تي ڪار پارڪنگ ٺاھڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

سيوھڻ شريف رپورٽ: حيدر علي بلوچ سيوھڻ الشھباز ريڙھا مزدور ويلفيئر يونين پاران گولڊن گيٽ تي ڪار پارڪنگ ٺاھڻ خلاف احتجاجي مظاهرو مقامي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي خبرموجب سيوھڻ ۾ درگاھ قلندر جي گولڊن گيٽ تي مختلف ڪاروبار ڪندڙ الشھباز ريڙھا مزدور ويلفيئر يونين پاران گولڊن گيٽ تي ڪار پارڪنگ ٺاھڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي مقامي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن محمد يعقوب ملاح، ڪامريڊ اڪبر ملاح، صفدر حسين نجفي ماما اصغر ڪوريجو،سرور ملاح، عاشق اوٺو، محمد علي اوٺو، ۽ ٻين احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيوته سيوھڻ ۾ حڪومت اسان کي ٻيو روزگار فراهم ڪرڻ جي بجاء اسان کي ھٿ وٺي بي روزگار ڪيو پيو وڃي ۽ اسان ريڙھن تي درگاھ جي گولڊن گيٽ تي زائرين جي آمد رفت ھئڻ ڪري اسان ھڪ لائين سان پنھنجي ٻچڙن جي پيٽ گذر لاءِ مختلف ڪاروبار جنھن ۾ مڇيءَ، ڳانا، رانديڪا، ٺڪر جا ٿانو ٻين شين جو ڪاروبار ڪندا آھيون پر مقامي توڙي ضلعي انتظاميا ان گاڏن بيھارڻ واري جاء تي پارڪنگ ٺھرائي رھي آھي جيڪو عمل انتھائي غلط آھي ھنن چيو ته اسان جي پيٽ تي لت ھڻڻ بند ڪئي وڃي ۽ پارڪنگ جو انتظام ٻئي ھنڌ منتقل ڪيو وڃي ته جيئن اسان بي روزگار ٿيڻ کان بچي سگھون ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته ان معاملي جو نوٽس وٺي اسان کي فاڪا ڪشي ڪرڻ کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪندي علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي

Read Previous

چين ۾ آفيس جي ڪينٽين ۾ ڌماڪو، 16 ڄڻا فوت

Read Next

پاڪستان جي امن جو دشمن انتهائي گهربل دهشتگرد محمد خراساني افغانستان ۾ مارجي ويو

Most Popular