پاڪستان جي امن جو دشمن انتهائي گهربل دهشتگرد محمد خراساني افغانستان ۾ مارجي ويو

پاڪستان کي انتهائي گهربل دهشتگرد محمد خراساني افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ مارجي ويو.

ذريعن موجب دهشتگرد محمد خراسان ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان جو ترجمان هو، جنهن جو اصل نالو خالد بلتي هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد محمد خراساني ميران شاهه ۾ دهشتگردي جو مرڪز هلائي رهيو هو پر آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي کانپوءِ افغانستان ڀڄي ويو هو.

ذريعن موجب محمد خراساني، شاهد الله شاهد کانپوءِ ڪالعدم ٽي ٽي پي جو ترجمان بڻيو، هو پاڪستاني عوامي ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هو، محمد خراساني ڪالعدم ٽي ٽي پي جي مختلف ڌڙن کي متحد ڪرڻ ۾ مصروف هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد خراساني پاڪستان خلاف دهشتگرد ڪارروائين جي پلاننگ ڪري رهيو هو، هو ڪالعدم ٽي ٽي پي جي سربراهه مفتي نور ولي محسود سان گڏجي پلاننگ ڪري رهيو هو، دهشتگرد محمد خراساني تازو پاڪستان اندر مختلف ڪارروائين جو اشارو ڏنو هو.

Read Previous

سيوھڻ الشھباز ريڙھا مزدور ويلفيئر يونين پاران گولڊن گيٽ تي ڪار پارڪنگ ٺاھڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

مري ۾ اهم روڊ ڪليئر، وڌيڪ پئسا وٺندڙ هوٽلن خلاف ڪارروائي جو حڪم

Most Popular