رياست جو مائينڊ سيٽ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ئي نه: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته رياست جو مائينڊ سيٽ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ئي نه، ڳالهيون سڀ وڏيون ڪندا آهن پر لڳي ٿو سي ڊي اي ۽ وفاقي حڪومت به بي وس آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اي اليون جهڳين بابت سي ڊي اي جي ڪارروائي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت سي ڊي اي کي حڪم ڏنو ته جهڳين وارن جي خواهش موجب سياري ۾ جاءِ خالي نه ڪرائي وڃي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ماسٽر پلان موجب سي ڊي اي چيئرمين سڀاڻي ٻڌائي ته آمدني وارن لاءِ ڪهڙي رهائشي اسڪيم آهي؟ ڪچي آبادي وارن جو ڇا ڪو حق آهي؟ ڇا توهان انهن لاءِ ڪا اسڪيم ٺاهي؟ هن شهر ۾ لاقانونيت آهي، توهان هن شهر کي اشرافيا لاءِ ٺاهي رهيا آهيو.

چيف جسٽس سي ڊي اي اختيارين کي مخاطب ٿيندي چيو ته سي ڊي اي پاڻ پنهنجي آرڊيننس جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، توهان هن ڪورٽ جي فيصلن جي به تذليل ڪري رهيا آهيو، توهان عوام جي خدمت لاءِ آهيو، ايليٽ جي خدمت لاءِ نه، عدالت يقيني بڻائيندي ته اسلام آباد ۾ قانون جي عملداري هجي.

جسٽس اطهر من الله چيو ته توهان وڏي ماڻهو کي رڳو نوٽيس ڪندا آهيو ۽ جهڳين جي پويان پيل آهي، مان ته چوان ٿو هاءِ ڪورٽ به ڪو غلط ڪم ڪري ته ان تي پرچو ڪرايو، اسان کي خوشي ٿيندي.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته هي واحد شهر آهي، جنهن کي وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا سپروائز ڪندي آهي، هي شهر وڏي ماڻهو لاءِ ڊيولپ ٿي رهيو آهي، ان کان وڏو الميو ڪهڙو هوندو ته سي ڊي اي ڪنهن ماسٽر پلان جو لٽريچر نه پڙهيو، رياست جو مائنڊ سيٽ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ئي نه، ڳالهين سڀ وڏيون ڪندا آهن پر لڳي ٿو ته سي ڊي اي ۽ وفاقي حڪومت به بي وس آهي، قانون تي عملدرآمد نه ٿيو ته سي ڊي اي چيئرمين ۽ ميمبرن خلاف ڪرمنل پروسيڊنگ شروع ڪرائينداسين.

Read Previous

مري ۾ اهم روڊ ڪليئر، وڌيڪ پئسا وٺندڙ هوٽلن خلاف ڪارروائي جو حڪم

Read Next

مري سانحي جون حقيقتون جلد سامهون آنديون وڃي: وزير اعظم

Most Popular