مري سانحي جون حقيقتون جلد سامهون آنديون وڃي: وزير اعظم

عمران خان

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته انڪوائري ڪميٽي جلد کان جلد مري سانحي جون حقيقتون سامهون آڻي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ حڪومتي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جهن ۾ سياسي صورتحال ۽ مري سانحي تي بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ فارن فنڊنگ ڪيس تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، بابر اعواڻ ۽ فرخ حبيب فارن فنڊنگ تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته ناڻي واري وزير شوڪت ترين معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني.

بابر اعواڻ چيو ته اسان پنهنجي ڊونرز جا تفصيل اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن ٻين پارٽين جا فنڊنگ وارا ذريعا به سامهون آڻي، فنانس سپليمنٽري بل هن ئي هفتي اسيمبلي مان منظور ڪرائينداسين.

اجلاس ۾ پنجاب حڪومت جي ترجمان حسان خاور مري سانحي تي بريفنگ ڏني، جنهن تي وزير اعظم چيو ته سياحتي هنڌن تي سموريون شيون ريگوليٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، مري ۾ انفرا اسٽرڪچر جي کوٽ ختم ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي، جديد طريقي سان سموري معاملي کي هينڊل ڪيو وڃي.

مري سانحي تي بريفنگ دوران ڪجهه  وفاقي وزير ضلعي انتظاميا جي حق ۾ ڳالهائڻ لڳا، گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته پوري صورتحال دوران انتظاميا ۽ پوليس بهتر ڪم ڪيو، شام 5 وڳي کان مري ويندڙ رستا بند ڪيا ويا هئا، حالتون پوليس جي ڪنٽرول کان ٻاهر  هيون، رينجرز کي طلب ڪرڻو پيو.

وزير اعظم ريسڪيو آپريشن ۾ سول ادارن ۽ فوج جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.

اجلاس ۾ سول ملٽري لاڳاپن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي بيان بعد سول ملٽري لاڳاپن تي اپوزيشن جي بيانيي دم ٽوڙي ڇڏيو آهي.

Read Previous

رياست جو مائينڊ سيٽ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ئي نه: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس

Read Next

سمهڻ کان اڳ هي غلطيون ڪڏهن به نه ڪيو!

Most Popular