سمهڻ کان اڳ هي غلطيون ڪڏهن به نه ڪيو!

رات جي ڀرپور ۽ سڪون واري ننڊ نه رڳو اوهان کي تندرست رکندي آهي پر پورو ڏينهن اوهان کي چست به رکندي آهي.

جيڪڏهن اوهان پورو ڏينهن ڪم ڪرڻ سبب ٿڪاوٽ ۽ مونجهارو محسوس ڪندا آهيو ته اوهان کي سڪون واري ننڊ جو خيال ضرور ايندو آهي پر اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته رات جو ننڊ ڪرڻ کان اڳ ڪجهه عادتون سڌو سنئون اوهان جي ڏينهن جي معمول تي اثر انداز ٿيڻ  سان گڏ ڪارڪردگي کي به تمام گهڻو متاثر ڪري سگهن ٿيون؟

هتي ڪجهه اهڙين عادتن جو  ذڪر ڪيون ٿا، جيڪي اوهان غير اداري طور ڪندا آهيو ۽  نتيجي ۾ اوهان جو ڏينهن خراب ٿي ويندو آهي.

زال سان جهيڙو

ننڊ ڪرڻ کان اڳ ڪنهن ڳالهه تي زال سان جهيڙو ڪرڻ کان پاسو ڪيو، جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته صبح جي وقت حل ڪيو، سمهڻ کان اڳ اهڙو عمل ننڊ جي وقت ۾ گهٽتائي سان گڏ ذهن تي بار پيدا ڪندو آهي ۽ اهڙي ريت اوهان جي ننڊ ۽ سڪون خراب ٿي ويندو.

لڪوئڊ جو استعمال

ڪوشش ڪيو ته رات جو ننڊ ڪرڻ کان اڳ لڪوئڊ استعمال نه ڪيو، ڀلي اُها سافٽ ڊرنڪ هجي يا وري ڪافي، مشروب جو اهم جُز ڪيفين آهي، جيڪو ننڊ ۾ خلل جو ڪارڻ بڻجي ٿو.

ذهن کي سڪون ۾ نه رکڻ

پورو ڏينهن مصروفيت ۽ پريشانيون دماغ تي دٻاءَ جو سبب بڻجن ٿيون، اها ڪيفيت ننڊ جي وقت تائين جاري رهي ته سڪون واري ننڊ جو خواب پورو نه ٿي سگهندو، ڪوشش ڪيو ڪو اهڙو ڪم ڪيو، جيڪو اوهان جي ذهن کي سڪون ۾ رکي، مثال طور ڪتاب پڙهڻ يا وري اهڙو ڪم جيڪو اوهان کي خوشي ڏئي.

چهري جو خيال رکڻ

دنيا ۾ اهڙا ماڻهو گهٽ ناهن، جيڪي سمهڻ کان اڳ چهري جي صفائي جو خيال نه رکندا هجن، عورتون اهو ڪم ڪنديون آهن پر مردن جي لاءِ ان ڪري اهم آهي جو هو پورو ڏينهن اهڙي ماحول ۾ هوندا آهن، جتي مٽي ۽ ڌوڙ هوندي آهي، جنهن سبب چهرو خراب ٿي ويندو آهي، ماهرن موجب رات جي وقت چهري جي صفائي نه ڪئي وئي ته وقت سان گڏ اهو ننڊ ۾خلل جو ڪارڻ بڻجي ويندو ۽ وڏي عمر جا اثر وقت کان اڳ ئي چهري تي آڻي ڇڏيندو.

ورزش ڪرڻ

ورزش ڪرڻ وارو عمل انسان کي صحتمند رکي ٿو پر ننڊ ڪرڻ کان اڳ اهڙو عمل اوهان جي ننڊ کي تمام گهڻو متاثر ڪري ٿو، ڇو ته رات جو جسم ۽ ذهن آرام جي لاءِ تيار هوندو آهي ۽ اهڙي وقت ورزش ڪرڻ جسم جي عضون کي متحرڪ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ننڊ جو وقت گهٽجي ويندو ۽ اوهان جو ڏينهن به متاثر ٿيندو.

سگريٽ ڇڪڻ

نشو ڪو به هجي صحت لاءِ نقصانڪار هوندو آهي پر رات جي وقت نشو ڪرڻ اوهان جي ننڊ ۾ به خلل پيدا ڪندو آهي، ڇو ته سگريٽ ۾ موجود نيڪوٽين دماغ کي متحرڪ ڪري ٿو ۽ ننڊ جو اچڻ مشڪل بڻجي ويندو آهي.

اسڪرين ڏسڻ

رات جو سمهڻ کان اڳ ليٽي اسڪرين ۽ سوشل ميڊيا ڏسڻ عام ڳالهه لڳي ٿي پر اهڙو عمل ننڊ جي معيار کي متاثر ڪري سگهي ٿو، ڇو ته اسڪرين مان اهڙا شعاع خارج ٿيندا آهن، جيڪي دماغ ۾ موجود ڪيميڪل کي متحرڪ ڪن ٿا ۽ موبائل مان نيريون روشنيون خارج ٿيڻ ڪري ٿولهه ۽ ڪينسر جو خطرو وڌي ويندو آهي، اها عادت گهڻو وقت رهي ته ڊپريشن سميت ٻيا ذهني مرض به پيدا ٿي سگهن ٿا.

سمهڻ کان اڳ کاڌو کائڻ

ننڊ ڪرڻ کان اڳ کاڌي جي عادت صحت ۽ ننڊ ٻنهي تي تمام خراب اثر وجهندي آهي، ڇو ته اهڙي وقت غذا مٺي هجي يا وري نمڪين جسم ۾ چربي جي شڪل ۾ گڏ ٿيندي آهي، جنهن سبب ٿولهه ۽ شگر جهڙي بيمارين جو خطرو وڌي ويندو آهي.

Read Previous

مري سانحي جون حقيقتون جلد سامهون آنديون وڃي: وزير اعظم

Read Next

سعودي شهزادي کي 3 سال قيد ۾ رکڻ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو

Most Popular