سعودي شهزادي کي 3 سال قيد ۾ رکڻ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو

سعودي شهزادي بسما بنت سعود ۽ ان جي نياڻي کي ڪنهن الزام بنا حراست ۾ رکڻ جي ٽن سالن بعد نيٺ آزاد ڪيو ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب شهزادي بسما بنت سعود جي خاندان 2020 ۾ هڪ بيان ذريعي گڏيل قومن کي ٻڌايو هو ته امڪاني گرفتاري جو سبب انساني حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ آهي.

شهزادي بسما بنت سعود شاهي خاندان ۾ انساني همدردي جي معاملن ۽ آئيني سڌارن جي هڪ اهم وڪيل جي حيثيت سان پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي آهي.

57 ورهين جي شهزادي بسما 1953 کان 1964 تائين جي سعودي عرب جي حڪمران شاهه سعود جي سڀني کان ننڍي ڌيءَ آهي

Read Previous

سمهڻ کان اڳ هي غلطيون ڪڏهن به نه ڪيو!

Read Next

عثمان خواجا ساٿي رانديگرن سوڌو پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ بيچين

Most Popular